اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??يو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي ??ورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪشمير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪشمير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن ??يو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر ??ي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ڪشمير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن ??يو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن ??يو ته آزاد ڪشمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن ??يو ته گذريل 76 سالن ۾ آزاد ڪشمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??يو ته حڪومت ??اڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ڪشمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح تي اهم ڪردار رهيو آهي. هن ??يو ته بين الاقوامي ??عاهدن مطابق ڄمون ڪشمير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي ??يو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.
متعلقہ مضامین
-
FIA arrests five suspects involved in smuggling citizens to Iran, Türkiye
-
PKK declares ceasefire with Turkey after 40 years of armed struggle
-
At UN, Pakistan renews its commitment to achieving gender equality
-
Public complaints being resolved on priority basis: Ombudsman
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Woman kills husband in Sahiwal, flees from scene
-
Five accused of kidnapping 15-year-old girl for second time
-
SMIU students leave for China for internship program
-
ECP issues code of conduct for PP-78s by-election
-
Pakistan ratifies Paris Agreement
-
NAB gets to work on the Urdu varsity scandal
-
روحانی معجزہ ایپ تفریحی ویب سائٹ روحانی سفر کا مرکز