اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ??ال??ي سطح تي مڃيل هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا جيڪو ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آه??، پاڪستان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم ??ال??ي انساني قانون ۽ گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal, Memon discuss administrative affairs: Minister laments disparity in federal projects concerning Sindh
-
Military commanders warn of sure, decisive response to any act of war
-
President Zardari: India’s missiles violate international law, endanger peace
-
سمرفز تفریحی ویب سائٹ
-
Pakistan surprised over Indian reaction on F-16s
-
PPP decides to replace Sindh CM: Senator
-
Terrorist enemy not bigger than nation resolve: Barrister Amjad
-
Hotel fire probe reveals a guilty management
-
PG Software Entertainment Official App: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
PJ Electronics کے آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس: آپ کی تمام ضروریات کا حل
-
ڈیٹا بیس آن لائن آفیشل گیم ویب سائٹ کی اہمیت اور خصوصیات
-
گورنر آن لائن: ایک معروف اور قابل اعتماد بیٹنگ پلیٹ فارم