اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند، ازبڪستان جو دورو ڪندو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ايس سي او – سي ايڇ ايس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظي?? جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻيا خاص مهمان شرڪت ڪندا. شنگهائي تعاون تنظي?? جي ڪائونسل آف هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظي?? جي حڪمت عملي، مستقبل ۽ تر??يح?? تي غور ۽ انهن جي وضاحت ڪري ٿو. سي ايڇ ايس ۾ ايس سي او جا اڳواڻ موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي انرجي سيڪيورٽي ۽ پائيدار سپلائي چين سميت اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪندا. اجلاس ۾ اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي به منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظي?? جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزير??عظ?? سي ايڇ ايس جي سائيڊ لائينز تي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي هڪ اهم بين علائقائي تنظيم آهي. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ايس سي او شنگهائي اسپرٽ ۾ لکيل قدرن ۽ اصولن کي برقرار رکي ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد، گڏيل فائدي ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ شامل آهي. مجموعي طور تي ايس سي او جا ميمبر ملڪ دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايس سي او جي ايجنڊا، اقتصادي رابطن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ استحڪا?? جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي مختلف مڪينزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظي?? جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
FIA arrests five suspects involved in smuggling citizens to Iran, Türkiye
-
PKK declares ceasefire with Turkey after 40 years of armed struggle
-
At UN, Pakistan renews its commitment to achieving gender equality
-
Public complaints being resolved on priority basis: Ombudsman
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Woman kills husband in Sahiwal, flees from scene
-
Five accused of kidnapping 15-year-old girl for second time
-
SMIU students leave for China for internship program
-
ECP issues code of conduct for PP-78s by-election
-
Pakistan ratifies Paris Agreement
-
NAB gets to work on the Urdu varsity scandal
-
روحانی معجزہ ایپ تفریحی ویب سائٹ روحانی سفر کا مرکز