اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پرچيءَ جو ثبوت کڻي سياست شروع ڪندڙ بلاول زرداري پنهنجي تاريخ کان به واقف نه آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير ڪنهن کي ڊيڊي چوندو هو، اسان کان ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو حساب وٺندڙ سنڌ ۾ پنهنجي ٽن نسلن جي اقتدار جو حساب ڏين، سنڌ مان ڪڻڪ چو??ي، گهپلن ۽ جعلي اڪائونٽس جا آواز اچي رهيا آهن ۽ نيب جاچ ڪري رهي آهي، توهان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، صحيح معنيٰ ۾ احتساب ٿئي ته بلاول زرداري جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليمي فيس پڻ واپس ڏيڻي پوندي، اسان جي حڪومت جي 2 سالن دوران مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جو هڪ ڪيس به سامهون ناهي آيو، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل جيلاني جي سرپرستي ۾ سياسي پرورش ڪندڙ به پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا، جيڪي مزاحيه ??دا??ار ۽ ڪرڪيٽر بڻجڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ته سياستدان بڻجي ويا، مخالف ڌر کي عمران خان جي ڪشميرين ۽ اسلامي دنيا جو سفير بڻجڻ جو ڏک آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ قوم کي تاريخي ڏينهن تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، قوم عيدالاضحيٰ جي موق??ي تي اعلان ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس ۽ مخالف ??ر جي بيانن جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي ڏينهن تي ڪارڪنن ۽ 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ وزيراعظم عمران خان جي چاهيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن ٻه سال اڳ اڄ جي ڏينهن اسان جي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فرسود?? نظام جي خلاف 22 سالن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ عوام مقبول ترين ليڊر عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو. هن چيو ته بلاول زرداري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Chenab, Sutlej rivers hit extremely high flood levels
-
Federal government to provide electricity bill relief for flood victims
-
Azma expresses sorrow over passing of state minister’s brother
-
Shireen Mazari’s arrest by ACE Punjab declared illegal
-
PM Shehbaz assures CJP of swift action on missing person cases
-
Maryam suspends Jinnah Hospital MS after surprise visit
-
کار کریش گیم ایماندار تفریحی پلیٹ فارم
-
Police seeks armys help for Muharram
-
Pakistan test-fires Babur cruise missile
-
Education Day marked with rallies in Hyderabad, Dadu
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ: مستقبل کا کھیل
-
خزانے کی قبر سرکاری گیم پلیٹ فارم کی تفصیل