اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ايل ايڇ ويز جي پهچ 37 سيڪڙو آبادي تائين آهي ان کي وڌائي عورتن ۾ ويم دوران مُشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو، تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ڌرين کي اڳتي ??چي ??نهن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي ڌيان ڏين ٿيون. هو راولپنڊي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي جي اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول ثمينه عارف سان گڏ اسپتال جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب ۾ بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ، ايسوسيئيشن جا ميمبر ۽ غيرملڪي سفارتڪار شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويم دوران موت جي شرح وڌيڪ هجڻ تي ڳڻتي ??و اظهار ڪندي چيو ته ان تي ??اص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ويم دوران موت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جڏهن معاشرا ۽ معيشت مضبوط ٿي وڃن ته مختلف ذريعن سان صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو ان ۾ هيلٿ انشورنس پڻ شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ ته ڪا ٻي راءِ نه ٿي ٿي سگهي ته تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي پر معاشري جي ٻين ڌرين کي به اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بهبود ايسوسيئيشن ملڪ گير سطح تي ??ورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعيلم، صحت، دستڪاري ۽ ثقافت جي ترويج جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي وڏو مقام حاصل آهي، گهر جي اندر ٻارن جي پرورش جي ذميواري به ماءُ تي هوندي آهي، اهو اهم هوندو آهي ته ايندڙ نسل جي تربيت ڪير ڪري رهيو آهي. هن بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي، عورتن کي بااختيار بڻائن، خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان خاتون اول ثمينه عارف علوي جي ڪوششن بابت پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي قوم جي اندر خير جي ڪم جو جذبو خوبصورتي ??ان هلي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شموليت سان وڌيڪ بهتر نتيجا نڪرندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ احساس پروگرام ذريعي مستحقين جي لاءِ نيوٽريشن پئڪيج بهتر قدم آهي، ان سان ٻارن ۾ غذائي کوٽ سان ??يد?? ٿيندڙ ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عمل قدم کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو تصور ئي نه آهي. هن چيو ته بريسٽ ڪينسر تي موثر آگاهي مهم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻي عورتون بريسٽ ڪينسر جي پهرين مرحلي ۾ ئي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪري رهيون آهن. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته اسان جي تنظيم عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي تي ??ڌ صديءَ کان ڪم ڪري رهي آهي، اها غيرمنافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ موذي بيمارين کان به بچائڻ آهي. هن چيو ته اسان جي تنظيم پاران عورتن جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن کي فري آف ڪاسٽ هيلٿ سروسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal, Memon discuss administrative affairs: Minister laments disparity in federal projects concerning Sindh
-
Military commanders warn of sure, decisive response to any act of war
-
President Zardari: India’s missiles violate international law, endanger peace
-
سمرفز تفریحی ویب سائٹ
-
Pakistan surprised over Indian reaction on F-16s
-
PPP decides to replace Sindh CM: Senator
-
Terrorist enemy not bigger than nation resolve: Barrister Amjad
-
Hotel fire probe reveals a guilty management
-
PG Software Entertainment Official App: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
PJ Electronics کے آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس: آپ کی تمام ضروریات کا حل
-
ڈیٹا بیس آن لائن آفیشل گیم ویب سائٹ کی اہمیت اور خصوصیات
-
گورنر آن لائن: ایک معروف اور قابل اعتماد بیٹنگ پلیٹ فارم