اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي ??ور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادارن جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي ??ين ڊي ايم اي جي ڀرپور نمائندگي تي ??ور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطرن جي تعين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي ??ور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي ??هي جيڪي موسمياتي ??بديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي ??مريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
LHC requests Punjab government’s response on PTI’s rally at Minar-e-Pakistan
-
دی اسمرفس آفیشل گیم ویب سائٹ
-
Several PPP leaders have links with Uzair Baloch
-
JUI-F wants to save system, not PM: Hafiz Hussain Ahmad
-
Security forces kill 4 militants in Mohmand
-
Lawmakers seek more development projects
-
Zardari talks to Going Underground show
-
Bilawal Bhutto welcomed by MPs at joint session
-
Zafarullah questions SCs jurisdiction, challenges judicial commission formation
-
Cant rule out more surgical strikes against Pakistan: India
-
Probe into illegal local government appointments in AJK ordered
-
رائل کروز لائنز: ایک قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ کا تعارف