ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلا??ڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات ??ي وفد سان ه??ي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات ??ي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلا??ڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات ??ي وفد کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپ??ر قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Ishaq Dar leads drive to boost Pakistan’s port efficiency
-
Sindh education minister emphasizes resilient infrastructure at development moot
-
Imran’s sisters barred from entering Adiala Jail
-
ایمیزون کنگڈم آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
Tobacco kills about 100,000 people annually in Pakistan
-
Civil organisation calls to end firing along LoC
-
Speaker to keep hawkish ministers at bay
-
49 Jars of Gold: سنہری انعامات کا جادوئی ایپ
-
لکی ڈریگن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ - مکمل تفصیلات اور گائیڈ
-
PJ Electronics کے آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس: آپ کی تمام ضروریات کا حل
-
Yibang الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات